ايپل جديد ايئر پوڊز ميڪس متعارف ڪرائي ڇڏيا

ناليواري آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل جديد ايئر پوڊز ميڪس متعارف ڪرائي ڇڏيا.
ايپل جي نئين ايئر پوڊز ميڪس هيڊ فون جي قيمت 549 آمريڪي ڊالر (87 هزار 980 رپيا پاڪستاني رپيا) رکي وئي آهي.
ايپل جو چوڻ آهي ته نئين ايئر پوڊز جي بيٽري لائف 20 ڪلاڪ هوندي ۽ اميد آهي ته ايندڙ هفتي کان صارفن کي ان جي فراهمي شروع ٿي ويندي.
ان کان اڳ افواهه هئا ته ايپل طرفان پهريون ڀيرو اوور ايئر هيڊ فون متعارف ڪرائي وئي آهي ۽ هاڻ اِها ڳالهه سچ ثابت ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔