پنج منٽن ۾ ڪورونا وائرس کي سڃاڻندڙ ڪاغذي ٽيسٽ

الينوائي: ڪورونا وائرس جو پتو لڳائيندڙ ڪاغذ جي ٽڪري تي ٻڌل هڪ ڪٽ ٺاهي وئي آهي جيڪا صرف 5 منٽن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ڪندي.
يونيورسٽي آف الينوائي ۾ واقع گرينگر ڪاليج سان واڳيل عرب ڄائي ماها العفيف ۽ سندس ساٿين ڪاغذي اليڪٽروڪيميڪل ٽيسٽ ٺاهي آهي جيڪا انتهائي حساس آهي، هيءَ ٽيسٽ صرف ڪجهه منٽن ۾ ڪووڊ 19 مرض جو سبب ٿيندڙ ناول ڪورونا وائرس جو پتو لڳائيندو آهي، ان اهم ايجاد جا تفصيل تحقيقي رسالي ”اي سي ايس نينو“ جي تازي شماري ۾ آن لائن شايع ٿيا آهن.
ڪاغذير ٽيسٽ ٺاهڻ کان پهريان فلٽر پيپر تي گرافين جون نينو پليٽون هنيون وڃن ٿيون جيڪي انتهائي سنهڙيون موصل(ڪنڊڪٽر) فلم ۾ پوئجي وڃن ٿيون، ٻئين مرحلي ۾ گرافين تي سون جا اليڪٽروڊ هنيا وڃن ٿا، جيڪي گرافين جي پرت کي ڇهن ٿا، اهڙيءَ طرح جينياتي مادي جي برقي سنگنل کي پڙهندڙ حساس سينسر وجود ۾ آيو.
تجربي گاهه ۾ ان جي افاديت ثابت ٿي آهي ۽ ٻئين مرحلي ۾ ان جا نتيجا واءِ فاءِ ذريعي اسمارٽ فون تان حاصل ڪري سگهبا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔