لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ، 2 جوان شهيد

راولپنڊي: ڀارتي فوج جي ڪنٽرول لائن تي چڙ ڏياريندڙ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب ڀارتي فوج هڪ دفعو ٻيهر ڪنٽرو لائن تي جنگبندي جي خلاف ورزي ڪئي ۽ لائن آف ڪنٽرول تي ڪوٽي رٽه سيڪٽر ۾ چڙ ڏياريندڙ فائرنگ ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ڀارتي فوج کي منهن ٽوڙ جاب ڏنو جنهن سان ڀارتي فوج جي وڏي نقصان جون رپورٽون به اچي رهيون آهن، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا ٻه جوان لانس نائيڪ طارق ۽ سپاهي زروف شهيد ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔