وزيراعظم پنهنجو گهر جو خرچ کيسي مان هلائيندو آهي: شهباز گل

اسلا م آباد: خاص معاون شهباز گِل چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان پنهنجي گهر جو ڪِچن پنهنجي کيسي مان هلائيندو آهي،ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال سمورو ڏينهن نڪ جي پڪائي سان ڪوڙو ڳالهائيندو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خاص معاون چيو ته خواجا آصف ۽ ن ليگ جي ٻين بيمار اڳواڻن کي به طبي سهولت فراهم ڪنداسين. هن چيو ته 2021 تائين پنجاب ۾ سمورن شهرين کي هيلٿ انشورنس ملندي، حڪومت ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ خاص پئڪيج ڏنو آهي. هن چيو ته وزير اعظم عوام کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔