مخالف ڌر جي استعيفائن جو ذڪر رڳو ميڊيا تي ٿي رهيو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر مطابق مخالف ڌر جون استعيفائن جو ذڪر رڳو ميڊيا تي ٿي رهيو آهي. فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪندي چيو ته هڪ به اسيمبلي ميمبر قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ کي استعيفا نه موڪلي آهي. وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ مريم بي بي جيڪو چاهين ٿا، اهو ٿيڻو ناهي. هن چيو ته روين کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي، مسئلو جلسن سان نه پر سمجهه سان حل ٿيڻو آهي. واضح رهي ته مخالف ڌر جي اتحاد اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ جو آخري فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔