ڪراچي جي ٽن ضلعن ۾ حددخلين خلاف ڪارروايون، دڪان ڊاهي پٽ

ڪراچي: ڪراچي جي ٽن ضلعن ۾ حددخلين خلاف ڪارروايون جاري آهن، انتظاميا موجب ڪارروائي دوران ڪيترائي دڪان ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون. ڪراچي جي ڏکڻ، اوڀر ۽ سينٽرل ضلعن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز جي نگرانيءَ ۾ اينٽي انڪروچمينٽ جو حددخلين خلاف آپريشن جاري آهي، جنهن دوران پوليس جي وڏي نفري موجود هئي. بشير صديقي موجب سينٽرل ضلعي ۾ قبضا مافيا فٽ پاٿ تي 3 دڪان بڻايا هئا، جيڪي مسمار ڪيا ويا، جڏهن ته ڏکڻ ضلعي ۾ ريمبو سينٽر جي ڀرپاسي ٺيلها ضبط ڪيا ويا. سينئير ڊائريڪٽر بشير صديقي موجب اوڀر ضلعي جي محمودآباد ۾ به قبضا ضبط ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔