کيئل داس ڪوهستاني اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعيفا ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: نون ليگ جي سنڌ سان واسطو رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر کيئل داس ڪوهستاني اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعيفا ڏئي ڇڏي. کيئل داس ڪوهستاني مخصوص سيٽ تي پهريون اسيمبلي ميمبر آهي، جنهن استعيفا ڏني آهي، ان حوالي سان کيئل داس جو چوڻ آهي ته آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ اسيمبلي ميمبر شپ ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ پارٽي جي امانت آهي، ن ليگ قيادت جي هر فيصلي تي ان سان گڏ آهيان. کيئل داس چيو ته اسيمبلي ميمبر شپ ننڍي ڳالهه آهي، ووٽ جي حرمت لاءِ هر قرباني ڏينداسين. قومي اسيمبلي جي ميمبر کيئل داس اسيمبلي جي اسپيڪر جي نالي لکيل استعيفا به پارٽي قيادت کي موڪلي آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔