حڪومت اپوزيشن جو مقابلو ڪرڻ بدران ڪِريل هٿڪنڊن تي لهي آئي آهي: افتخار حسين

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي ترجمان ميان افتخار حسين چيو آهي ته ڪمزور، ڊنل ۽ ڌانڌلي ۾ ملوث حڪومت اپوزيشن جو مقابلو ڪرڻ بدران ڪِريل هٿڪنڊن تي لهي آئي آهي، سموري لاهور ۾ پڙهو گهمايو ويو آهي ته جيڪو جلسي لاءِ ڪرسيون ڏيندو،ان کي گرفتار ڪيو ويندو، انتظاميا پهريان ئي ڪجهه دوڪان به بند ڪرائي ڇڏيا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ ميان افتخار حسين چيو ته مينار پاڪستان جي علائقي ۾ پاڻي ڇڏي ڪري درياهه جهڙي صورتحال پئدا ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٿريٽ الرٽ جلسي کان پنج ڏينهن اڳ جاري ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم جي ترجمان چيو ته هاڻ ڊي جي بٽ کي سائونڊ سسٽم ڏيڻ جي ڪري گرفتار ڪيوويو،هي اهو ئي ڊي جي بٽ آهي، جيڪو عمراني ڌرڻن جي رونق هو. هن چيو ته ڪرونا جو بهانو بڻائي اپوزيشن جي خلاف ناڪاري پروپئگنڊا ته جاري آهي، پر حڪومت پاڻ بنيادي سهولتون فراهم ته ڇا آڪسيجن فراهم ڪري نٿي سگهي. هن چيو ته ڪوڙي حڪومت پوءِ به چئي رهي آهي ته جلسي تي ڪابه پابندي ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔