ڪراچي ۾ اينٽي ڪرپشن جي ڪارروائي، ٽي اِي او جمشيد ٽائون ذاڪر ڀرڳڙي گرفتار

ڪراچي: اينٽي ڪرپشن اوڀر ضلعي ڪارروائي ڪري جمشيد ٽائون جي ٽي اِي او تعليم ذاڪر ڀرڳڙي کي رشوت وٺندي گرفتار ڪري ورتو، اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب ذاڪر ڀرڳڙي آفيس اسسٽنٽ اظهر ڀٽو کان 20 هزار رپيا رشوت طلب ڪئي هئي. اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ اوڀر ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ شهباز احمد شيخ کي موجودگي ۾ جميشد ٽائون تعلقي ايجوڪيشن آفيس تي ڇاپو هنيو. اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب ڪارروائي دوران ٽي اِي او ذاڪر ڀرڳڙي کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن آفيس اسسٽنٽ اظهر ڀٽو کان 20 هزار رپيا رشوت طلب ڪئي هئي. اينٽي ڪرپشن موجب آفيس اسسٽنٽ اظهر ڀٽو اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي ته هـُو بيمار آهي، گڏاپ بدلي ڪرائڻ گهري ٿو پر ٽي اِي او کانئس 20 هزار رپيا رشوت طلب ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔