آمريڪا جي پهرين نقابي ليکڪه فوربز جي فهرست ۾ شامل

نيويارڪ: آمريڪا جي نقابي ليکڪه حفصه فيصل آهي جيڪا مشهور آمريڪي ڪاروباري رسالي فوربز جي انڊر 30 جي فهرست ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.
حفصه کي سندس ڪتاب” وي هنٽ دي فليم“ نالي فڪشن ناول جي بنياد تي شهرت حاصل ٿي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب حفصه آمريڪا جي پهرين نقابي ليکڪه آهي جنهن جا ناول نيويارڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿين ٿا.
حفصه فيصل سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪيو ته هاءِ هيلو، ڇا توهان فوربز انڊر 30 جي فهرست ۾ ڪنهن نقابي عورت کي ڏٺو آهي؟
حفصه آئسي ڪينڊلز جي باني به آهي جيڪا ليکڪن لاءِ ويب سائٽس، ڪتابن کان متاثر ڪينڊلز، نوٽ بڪس ۽ ٻيون شيون تيار ڪندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔