پولينڊ ۾ دنيا جو اونهون سوئمنگ پول تيار

وارسا: دنيا جو سڀ کان اونهون سوئمنگ پول پولينڊ ۾ ٺاهيو ويو آهي جيڪو 148 فوٽ(45 ميٽر) اونهو آهي.
ان کي هر عمر ۽ هر درجي جي ٽوٻن ۽ ماهرن جي تربيت لاءِ ٺاهيو ويو آهي جنهن تي هڪ ڪروڙ ڊالر يعني ڏيڍ ارب روپيا خرچ آيو آهي، هن جي ساخت هڪ اونهي نيلي کڏي جهڙي آهي جنهن جو آخري ۽ صفا اونهو ڇيڙو آخر ۾ واقع آهي.
ان ۾ هڪ سامونڊي جهاز جو ڍانچو، پاڻي ۾ غار ۽ مايا تهذيب جا ڪجهه آثار به قائم ڪيا ويا آهن جنهن کي مختلف قسم جا ٽوٻا ڳولي سگهن ٿا.
ان سوئمنگ پول ۾ شيشي جي هڪ سرنگ ٺاهي وئي آهي جتي بيهي ماڻهو ان جو نظارو ڪري سگهن ٿا، ان کان علاوه هتي هڪ هوٽل به آهي ۽ 5 گهرائي ۾ ان جا ڪمرا به ٺاهيا ويا آهن پر هتي هڪ وڏو ٽريننگ سينٽر آهي جتي هر عمر جو ماڻهو سوئمنگ ۽ ڊرائيونگ جي اعليٰ قسم جي تربيت حاصل ڪري سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔