روس ۾ ڪورونا ويڪسين جي عوامي سطح تي فراهمي شروع

ماسڪو : روسي حڪومت ڪورونا خلاف اندرين سطح تي تيار ڪيل ”اسپٽنگ وي“ نالي ويڪسين جي فراهمي اڄ ڇنڇر کان شروع ڪر ي ڇڏي. روس جي سڀ کان وڌيڪ متاثر شهر ماسڪو ۾ 70 ڪلينڪس شهرين کي اها ويڪسين ڏئي رهيون آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته طبي ورڪرز، استادن ۽ سوشل ورڪرز کي سڀ کان پهريان اها ويڪسين ڏني ويندي، اها ويڪسين 21 ڏينهن جي فرق سان ٻن خوراڪن ۾ ڏني ويندي آهي. هوڏانهن اولهه ملڪن جي سائنسندانن ۽ طبي اختيارين روس طرفان ويڪسين جي تڪڙي تياري ۽ فراهمي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔