ميجر اڪرم شهيد جو 49 هون جنم ڏينهن !

جهلم: 1971 واري جنگ ۾ جرات ۽ بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪرڻ واري ميجر محمد اڪرم جو 49هون شهادت جو ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي .

ميجر محمد اڪرم 4 اپريل 1938 ع تي ضلعي گجرات ۾ پيدا ٿيو ، هن 1963 ۾ پاڪ آرمي ۾ ڪميشن ڪئي ، 1971  جي جنگ ۾ اڀرندي پاڪستان جي علائقي هلي جي محاذ تي دشمن خلاف وڙهندي 5 ڊسمبر تي شهادت جو جام پيتو .

ميجر محمد اڪرم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جهلم ۾ يادگار ۽ لائيبريري ٺاهي وئي آهي جتي ان جتي شهادت واري ڏهاڙي تي ان جي خاندان جا ماڻهو گڏ ٿيندا آهن ۽ ميجر اڪرم شهيد کي سندس لازوال قرباني تي نشانِ حيدر سان به نوازيو ويو ، کيس ”هيرو آف هِلي“  جي لقب سان به سڃاتو وڃي ٿو .

ٻئي پاسي ڊي جي آءِ ايس پي آر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ميجر اڪرم شهيد (نشانِ حيدر) جي عظيم قرباني تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر اڪرم شهيد بهادري سان مقابلو ڪري دشمن جا ڪيترائي حملا ناڪام ڪري ڇڏيا ۽ هلي جي جنگ ۾ دشمن کي ڳرو نقصان پهچايو ، اها مثالي جرات وطن جي محافظن جي خاصيت آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔