پاڪستان گڏيل قومن کي ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا

نيويارڪ: پاڪستان گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري جنرل کي ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا .

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير منير اڪرم گڏيل قومن جي  دهشتگردي جي خاتمي بابت انڊر سيڪريٽري جنرل ولاديمير ورونڪوف سان ملاقات ڪئي .

ان اهم ملاقات ۾ هن پاڪستان خلاف دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ جي باري ۾ ڊوزئر پيش ڪيو .

گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري جنرل ولاديمير ورونڪوف وعدو ڪيو ته هو ڊوزئر جو مطالعو ڪندو ، ولاديمير ورونڪوف وڌيڪ چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهين ، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن  موجب مسئلن جا حل ڳولهڻ گهرجن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔