پوليو مهم: ٽن ڏينهن ۾ ستاسي سيڪڙو هدف حاصل

اسلام آباد: ٽين قومي پوليو روڪٿام مهم دوران سموري ملڪ ۾ ٽن ڏينهن دوران 87 سيڪڙو هدف حاصل ڪري ورتو.
قومي پوليو روڪٿام مهم ۾ شروعاتي ٽن ڏينهن جي ڪارڪردگي رپورٽ موجب پوليو مهم جو هدف 39 ملين ٻارن کي ٽڪا لڳا آهن، ٽن ڏينهن واري پوليو مهم ۾ 34.3 ملين ٻارن کي پوليو ويڪسين مڪمل ڪئي وئي.
رپورٽ موجب ملڪ ۾ 3 ۽ 4 ڊسمبر پوليو روڪٿام مهم جا ڪيچ اپ ڊيز ٿيندا.
ڪراچي جي حساس علائقن ۾ ڪيچ اپ ڊيز 6 ڊسمبر تائين جاري رهندا، ڪوئٽا، پشاور، خيبر پختونخواهه بلاڪ ۾ ڪيچ اپ ڊيز 6 ڊسمبر تائين جاري رهندا، ڪيچ اپ ڊيز ۾ رهجي ويل ٻارن کي پوليو ويڪسينيشن ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔