کنڊ جي في ڪلو اگهه ۾ 20 کان 23 رپين تائين جي لاٿ

اسلام آباد: چيئرمين آل پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن اسڪندر خان جو چوڻ آهي ته اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 20 کان 23 رپين تائين گهٽتائي اچي وئي آهي.
اسڪندر خان موجب کنڊ جي ايڪس ملز ريٽ ۾ به گهٽتائي اچي وئي آهي جنهن جا ايڪس ملز ريٽ 78 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويا آهن.
چيئرمين اسڪندر خان جو چوڻ آهي ته 78 رپيا في ڪلو کنڊ ۾ 14 رپيا ٽيڪس به شامل آهي.
هن چيو ته ڪمند جي خريداري ۾ مڊل مين جو ڪردار ختم ڪرڻ وارا حڪومتي قدمن جا مثبت اثر سامهون اچي ويا جڏهن ته ڪمند جي قيمت 200 رپيا برقرار رهڻ سان به کنڊ جي ايڪس ملز ريٽ ۾ گهٽتائي ٿي.
اسڪندر خان جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ هن وقت کنڊ 200 رپيا في ڪلو آهي ان ڪري کنڊ جو اگهه گهٽ ڪرڻ لاءِ افغانستان بارڊرز تي سختي ڪرڻي پوندي جڏهن ته حڪومت ڳڙ جي افغانستان برآمد روڪي ڇو ته ڳڙ جي آر ۾ افغانستان کنڊ اسمگل ٿيندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔