واٽس ايپ ۾ ڪجهه نوان ۽ بهترين فيچر متعارف

واٽس ايپ طرفان دنيا جي مقبول ترين ميسجنگ ايپليڪيشن ۾ ڪجهه نون فيچرز جي واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀ کان واضح هڪ نئون وال پيپر فيچر آهي.
ان فيچر جي تحت هر چيٽ جي بيڪ گرائونڊ ۾ مختلف تصويرن کي استعمال ڪري سگهبو.
اِهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته دنيا ۾ گهڻو ڪري رابطو هاڻ ان ئي ايپ تي ٿيندو رهندو آهي.
ته هاڻ جن ماڻهن سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي ان جي چيٽ ونڊو کي ٻين کان مختلف ڪرڻ لاءِ ڪاسٽيوم وال پيپر کي استعمال ڪري سگهجي ٿو.
اهڙي طرح هي هڪ ڪارآمد ٽول به آهي جنهن سان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو ته ميسيج ڪنهن غلط فرد ڏانهن نه موڪليو وڃي( موڪلڻ کان پوءِ به پريشاني ۾ ڊيليٽ ڪرڻو پوندو آهي جنهن جو علم اڳئين ماڻهو کي به ٿي ويندو آهي)
ان کان سواءِ واٽس ايپ ۾ ڊيفالٽ ڊوڊل وال پيپر جو رنگ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت جي واڌ به ڪئي وئي آهي جڏهن ته نئين وال پيپر جي ڪليڪشن به هاڻ ڪري سگهبي جن کي برائٽ ۽ ڊارڪ المبز جي حيثيت ۾ الڳ ڪيو ويندو.
صارف مختلف وال پيپرز کي پنهنجي فون جي لائٽ ۽ ڊارڪ موڊ جي شڪل ڏئي سگهندا، يعنيٰ جڏهن فون جي اسڪرين جو وال پيپر تبديل ٿيندو ته وال پيپر به پاڻ تبديل ٿي ويندو.
وال پيپرز کان هٽي هاڻ واٽس ايپ ۾ ٽيڪسٽ يا ايموجي جي مدد سان به اسٽيڪرز کي ڳولهي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔