ٽيسٽ ڪرڪيٽ سميع اسلم پاڪستان ڇڏي ويو

لاهور: قومي ٽيم طرفان نظرانداز ڪرڻ تي ٽيسٽ ڪرڪيٽر سميع اسلم پاڪستان ڇڏي ويو.
آمريڪا مان ٽيليفون ذريعي ميڊيا سان ڳالهائيندي سميع اسلم چيو ته هن مايوس ٿي آمريڪا ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن کي ڏک هو ته کيس پاڪستان ٽيم ۾ موقعو نه پئي ڏنو ويو ۽ ڊوميسٽڪ ۾ سٺي پرفارمنس باوجود ٻين رانديگرن کي ترجيح ڏني وئي.
هن چيو ته دل تي بار کڻي آمريڪا پهتو آهيان، پاڪستان ڇڏي اچڻ سولو نه هو، ڪرڪيٽ منهنجو روزگار آهي پر پاڪستان ۾ مستقبل نظر نه پئي آيو جڏهن ته مون کي گهر به هلائڻو آهي.
سميع اسلم جو چوڻ هو ته مون کي اميد آهي ته آئون آمريڪا ۾ مستقبل بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيندس، آئون 2 سال 10 مهينن بعد آمريڪا طرفان کيڏڻ جي اهل بڻجي ويندس، منهنجو معاهدو سٺو آهي، هاڻ آئون ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏندس.
سميع اسلم 2014ع جي انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي قيادت به ڪئي جڏهن ته هو 2012ع جي انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ بابر اعظم جي قيادت ۾ کيڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔