ايران جي نيو ڪليئر پروگرامن مٿان لڳايل پابندين جو مدو وڌايو وڃي: جوبائيڊن

واشنگٽن: نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته ايران جي نيو ڪليئر پروگرام تي پابندين جو مدو وڌايو وڃي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته پريشاني ته ٿيندي پر ايران نيو ڪليئر ڊيل بابت سمجهوتي تي قائم رهنداسين.هن چيو ته ايران جي نيو ڪليئر پروگرام تي پابندين جو مدو وڌايو وڃي جڏهن ته ايشيا ۽ يورپ سان مشورو ڪري چين سان گڏجي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.نئين چونڊيل آمريڪي صدر چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بجينگ تي لڳايل 25 سيڪڙو ٽيرف في الحال ختم نه ڪيو ويندو جڏهن ته آمريڪا جي لاءِ سڀني کان سٺو ڪم اهو ٿيو آهي ته ان کي ڊونلڊ ٽرمپ جي وڌيڪ 4 سالن لکان بچايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔