ترڪي شهر سعرد ۾ زلزلي جا لوڏا

انقره: ترڪي جي شهر سعرد ۾ 5 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب زلزلي جي شدت سان مارڪيٽن جي ريڪس ۾ رکيل شيون وکري ويون.
ترڪ عملدارن جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب فوري طور تي ڪو به جاني نقصان نه ٿيڻ جا اطلاع آهن.
ياد رهي ته 30 آڪٽوبر تي به ازمير سميت ترڪي جي ڪيترن ئي شهرن ۾ 7 شدت سان زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڪري پيون هيون ۽ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔