ايف آءِ اَي به اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪرپشن واري معاملي جي جاچ شروع

ڪراچي: نيب کانپوءِ ايف آءِ اَي به اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪرپشن واري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، اسپتال انتظاميا ايف آءِ اي جاچ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، عدالت سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته اين آءِ سي وي ڊي صوبي يا وفاق جي ملڪيت آهي.اين آءِ سي وي ڊي انتظاميا پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪارڊيو اسپتال صوبي جي ملڪيت آهي، ايف آءِ اي جي انڪوائري غير قانوني آهي، جيڪا روڪي وڃي. ڪيس ۾ اسپتال ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙ ڊاڪٽر طارق شيخ به درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت ٻنهي درخواستن تي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار کي نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته اين آءِ سي وي ڊي صوبي يا وفاق جي ملڪيت آهي. عدالت ايف آءِ اي جي انڪوائري آفيسر کان هاڻي تائين ٿيل جاچ رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔