افغانستان ۾ وري رتوڇاڻ، سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 34 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل : افغانستان جي اوڀر صوبي غزني ۾ اڄ آچر ڏينهن هڪ فوجي اڏي تي آپگهاتي ڪار حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 31 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا.
ٻئي حملي ۾ افغانستان جي ڏکڻ حصي ۾ هڪ آپگهاتي بمبار زابل صوبي جي صوبائي سربراهه جي گاڏين جي قافلي کي نشانو بڻايو.
ان حملي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 12 زخمي پڻ ٿيا، جن ۾ ٻار به شامل آهن.
صوبائي ڪائونسل جو سربراهه عطا جان حق بايت ان حملي ۾ محفوظ رهيو پر مارجي ويلن ۾ ان جو هڪ باڊي گارڊ به شامل آهي.
اڃا تائين انهن ٻنهي حملن جي ذميواري ڪنهن قبول ناهي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔