مائيڪ ٽائسن جي 15 ورهين کانپوءِ رنگ ۾ واپسي، مقابلو برابر

لاس اينجلس : باڪسنگ جي هيوي ويٽ اڳوڻي چيمپيئن 54 ورهين جي مائيڪ ٽائسن ۽ راءِ جونز جونيئر وچ ۾ باڪسنگ مقابلو بنا فيصلي ختم ٿي ويو.
لاس اينجلس جي اسٽيپلس سينٽر ۾ ٿيندڙ ان مقابلي ۾ ٻن ٻن منٽن جا 8 رائونڊ کيڏيا ويا، جنهن کانپوءِ ورلڊ باڪسنگ ايسوسيئيشن جي جيوري ان مقابلي کي برابر قرار ڏنو.
واضح رهي ته مائيڪ ٽائسن، جيڪو جونيئر کان 3 سال وڏو آهي، پنهنجو آخري مقابلو 15 سال اڳ وڙهيو هو، جڏهن ته جونر جونيئر 3 سال اڳ تائين باقاعدي طور مقابلن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔