ڀارت کي ٻي ون ڊي ۾ به عبرتناڪ شڪست، سيريز آسٽريليا جي نانءِ

سڊني: آسٽريليا ٻي ون ڊي ميچ ۾ به ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
سڊني ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميزبان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڀارتي بالرن کي ڪُٽي ڪُٽي بي سَتو ڪري ڇڏيو.
آسٽريلوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 389 جو جبل جيڏو اسڪور ٺاهيو ۽ ڪينگروز جي اننگز جي خاص ڳالهه اها هئي ته شروعاتي پنجن ئي بيٽسمينن ففٽيون اسڪور ڪيون.
ميزبان ٽيم طرفان اسٽيون سمٿ 104 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ڊيوڊ وارنر 83، ڪپتان ايرون فنچ 60، مارنس لبوشين 70 ۽ گلين ميڪسويل 63 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ ڀارتي ٽيم مقرر اورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 338 رنسون ٺاهي سگهي، ائين آسٽريلوي ٽيم ميچ ۾ 51 رنسن تان ڪاميابي ماڻي 3 ميچن جي سيريز پڻ 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ڀارت طرفان ڪپتان ورات ڪوهلي 89 ۽ لوڪيش راهول 76 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.
آسٽريليا جي پيٽ ڪمنز 3 شڪار ڪيا، جوش هيزل ووڊ ۽ ايڊم زمپا 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ميڪسويل ۽ هينريڪس جي حصي ۾ هڪ – هڪ وڪيٽ آئي.
ميچ جو بهترين رانديگر اسٽيون سمٿ کي قرار ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔