پهرين ڊسمبر کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن بابت سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.ذريعن موجب پهرين ڊسمبر کان 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول 2 روپيه 50 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو جڏهن ته ڊيزل جي قيمت به 2 روپيه 50 پئسن تائين وڌي سگهي ٿي. ذريعن موجب نومبر جي 15 تاريخ کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ جو رجحان آهي.ياد رهي ته 15 نومبر کان حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي اگهن ۾ هڪ روپيه 71 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ هڪ روپيه 79 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔