جدت پسندي سان مستقبل جي چيلينجن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو:آرمي چيف

راولپنڊي: چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ٽيڪنالاجي اپگريڊِيشن ۽جدت پسندي سان مستقبل جي چيلنجن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي (آءِايس پي آر) موجب آرمي چيف اها ڳالهه پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري واهه ڪينٽ جي دوري دوران چئي .پي او ايف پهچڻ تي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل بلال اڪبر آرمي چيف جي آجيان ڪئي.

آرمي چيف پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري واهه ڪينٽ جو دورو ڪيو ، پاڪ فوج جي سربراهه کي مختلف پروڊڪشن يونٽس جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي .

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي مستقبل جي منصوبن ۽ جدت آڻڻن جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي ، آرمي چيف کي پاڪ فوج جي آپريشنل ضرورتن تي به آگاهي ڏني وئي .

آرمي چيف پي او ايف جي اڳڀرائي ۽ قومي خزاني جي بچت جي قدمن کي ساراهيو ،هن پي اوايف جي ڊسپلي  لائونج جو به دورو ڪيو ، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه نئين تيار ڪيل دفاعي شين جو به جائزو ورتو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔