پوٽن پاران ڏاڏي جو مڙهه پارسل ڪرڻ مناسب ناهي: فردوس عاشق اعواڻ جو تبصرو

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ نواز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر جي مڙهه کي ڏيهه آڻڻ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته پوٽن پاران ڏاڏي جو مڙهه پارسل ڪرڻ مناسب ناهي،پي ڊي ايم جو ٽولو ڪرونا پکيڙڻ جو ذميوار آهي.جاري ڪيل بيان ۾ فردوس اعواڻ چيو ته رد ڪيل ماڻهن جي دلين ۾ انسانيت لاءِ احساس ناهي.هن چيو ته اقتدار جي حوس ۾ مبتلا ٽولي جي اکين تي ڪاري پٽي ٻڌل آهي،چورن جو ٽولو ماڻهن جون زندگيون داءَ تي پيو لڳائي.وڏي وزير جي صلاحڪار چيو ته پي ڊي ايم وارن جا ڪرتوت عوام جي سامهون آڻبا، اپوزيشن وارن پنهنجن دورن ۾ رڳو ڪرپشن ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔