آمريڪي ماڊل حليمه عدن مذهب جي خاطر ماڊلنگ ڇڏي ڏني

واشنگٽن: آمريڪي ماڊل حليمه عدم پنهنجي مذهبي خيالن جي ڪري ”رن وي“ ماڊلنگ جي دنيا کي خدا حافظ چئي ڇڏيو.
حليمه عدم سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي هڪ پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته ماڊلنگ جو شعبو منهنجي مذهبي عقيدي سان ڀيٽ نٿو رکي، ڪورونا وبا مون کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته مسلمان عورت طور منهنجي قدر ڪهڙا آهن.
هن چيو ته ماڊلنگ جي ڪم کي قبول ڪرڻ منهنجي مذهبي خيالن جي خلاف آهي، ان جي ڪري آئون پنهنجي پاڻ کان سواءِ ڪنهن کي تي به الزام نٿي هڻي سگهان ڇو ته مون ان کي وڌيڪ اهميت ڏني.
ماڊل حليمه عدن چيو ته حجاب پائيندڙ عورت جي حيثيت سان منهنجي سفر ۾ سٺا لاها چاڙها آيا، فيشن جي صنعت ۾ اصل مسئلو مسلمان عورتن اسٽائلسٽس جي عدم موجودگي آهي جن کي اِها سمجهه هجي ته حجاب پائڻ ڪيترو اهم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔