ڪيلا، آنا، ٿوم ۽ گوشت سميت 11 شين جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد: شماريات واري اداري مهانگائي تي هفتيوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن موجب هڪ هفتي دوران مهانگائي جي اوسط شرح ۾ 0.92 سيڪڙو گهٽتائي ريڪارڊ ڪئي وئي آهي.
شماريات واري اداري موجب مهانگائي ۾ گهٽتائي کائڻ پيئڻ وارين شين جي اگنن ۾ لاٿ سبب آئي ۽ ٽماٽا، پٽاٽا، بصر ۽ ڪڪڙ جي گوشت سميت 10 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ريڪارڊ ڪئي وئي.
اداري ٻڌايو ته هڪ هفتي دوران ٽماٽن جي في ڪلو قيمت ۾ 15 رپيا 27 پيسا گهٽتائي آئي جڏهن ته بصر 6 رپيا 27 پيسا في ڪلو ۽ ڪڪڙ جي گوشت جي في ڪلو ۾ 19 رپيا 44 پيسن جي لاٿ ٿي.
شماريات اداري جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي دوران کنڊ جي اوسط في ڪلو قيمت ۾ 4 رپيا 73 پيسا، ڪڻڪ جي 20 ڪلو واري ٿيلهي جي قيمت ۾ 2 رپيا، چڻن جي دال هڪ رپيو ۽ دال ماش هڪ رپيو 8 پيسا سستي ٿي.
انگن اکرن تحت ڪيلا، بيضا، ٿوم ۽ گوشت سميت 11 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، هڪ هفتي دوران ڪيلن جي في درزن قيمت ۾ 1 رپيو 15 پيسا، آنن جي في درزن اوسط قيمت ۾ 1 رپيو 82 پيسا ۽ ٿوم جي في ڪلو قيمت ۾ 2 رپيا واڌ ٿي.
شماريات واري اداري جو چوڻ آهي ته مٽن، بيف، تازي کير جي اگهن ۾ به واڌ ٿي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔