مخالف ڌر جي جلسن سبب پنجاب ۾ ڪرونا خطرناڪ حد تائين وڌي: ياسمين راشد

لاهور: پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد جو چوڻ آح يته مخالف ڌر جي جلسن سان پنجاب ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي آهي. لاهور ۾ ايڊز بابت آگاهي جي حوالي سان رٿيل سيمينار ۾ وزير اعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان سميت صحت واري وزير ياسمين راشد، ڪنٽري ڊائريڪٽر يو اين ايڊز ڊاڪٽر ماريه علينه فيليو شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ياسمين راشد جو چوڻ هو ته سياستدانن کي ڪورونا تي سياست چمڪائيندي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. پي ڊي ايم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي پنجاب جي صحت واري وزير جو چوڻ هو ته بختاور جي مڱڻي تي ڪورنا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائيندڙ جلسن جي عوام جا دشمن آهن سندس چوڻ هو ته پنجاب جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو بهترين علاج جاري آهي پر مخالف ڌر جي جلسن سان پنجاب ۾ ڪورونا وائرس ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي سگهي ٿي. پنجاب جي صحت واري وزير سيمينار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ جو واحد حل احتياطي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔