پرڏيهي وزير جي سعودي هم منصب شهزادي فيصل بن فرحان سان ملاقات

نائجرl پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نائجر ۾ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن جي ڪونسل جي 47هين اجلاس جي موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. پڌرائي موجب پرڏيهي وزيرن جي ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، خطي ۾ امن ۽ امان جي صورتحال، ڪورونا ۽ شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار جي هٿي سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير جي 20 سمٽ جي ڪاميابي تي سعودي هم منصب کي واڌايون ڏنيون. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ او آءِ سي جي ڪردار جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پنهنجي سعودي هم منصب کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي جي حوالي سان سعودي عرب جي اصولي ۽ مستقل حمايت تي سعودي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان آل سعود واضح ڪيو ته سعودي عرب پاڪستان سان پنهنجن تاريخي، گهرن ۽ پراڻن ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار کي هٿي لاءِ پرعزم آهي. سعودي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي طرفان ڪيون ويندڙ ڪاوشن کي ساراهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔