ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ ٻن تاريخن ۾ وٺڻ خلاف داخل درخواست رد

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ٻن تاريخن ۾ وٺڻ وارو شاگردن جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو. ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا لاءِ ٻن الڳ تاريخن ۾ انٽري ٽيسٽ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ شاگردن طرفان انٽري ٽيسٽ ٻن مختلف تاريخن ۾ وٺڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن کي ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي حڪم ڏنو ته داخلا ٽيسٽ دوران شاگردن، نگران ۽ سمورو عملو ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔