اي ڊي بي پاڪستان لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر جو قرض منظور ڪري ورتو

منيلا: ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) پاڪستان جي لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر جو قرض منظور ڪري ورتو. اي ڊي بي طرفان جاري سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته منظور 30 ڪروڙ ڊالرن سان پاڪستان ۾ مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام آڻڻ ۾ مدد ملندي. ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان چيو ويو آهي ته پروگرام جي ذريعي پاڪستان ۾ ٽيڪسن جي نظام ۾ سڌارا متعارف ڪرايا ويندا ۽ برآمدات ۾ واڌ جي لاءِ مسابقتي رجحان پيدا ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔