ارمينا خان پرسڪون زندگي جو راز ٻڌائي ڇڏيو

لنڊن: پاڪستاني اداڪارا ارمينا خان جو چوڻ آهي ته هاڻ آئون ماڻهن جي ڪمنٽس جي ڪري پنهنجو موڊ خراب ناهيان ڪندي.
برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ”بن روئي“، ”جانا“، ”شير دل“ ۽ ”يلغار“ جهڙين فلمن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا ارمينا خان جو چوڻ آهي ته ڪووڊ 19 جي صورتحال نظر ۾ رکندي اسان کي مذهب جو فرق ڪرڻ کان سواءِ سڀني جي مدد ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو سٺو ڪندا آهن ته الله تعاليٰ توهان کي ان جو 10 سيڪڙو ثواب هن ئي دنيا ۾ واپس ڪندو آهي. اداڪارا ان بابت چيو ته مان ۽ منهنجو مڙس اهو سمجهون ٿا ته جيڪڏهن اسان وٽ هڪ ئي موقعو آهي ڪنهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ اسان کي ان کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي.
اداڪارا سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ بابت چيو ته پهرين سوشل ميڊيا تي منفي ڪمنٽس کان پريشان ٿي ويندي هيس هاڻ ڪمنٽس جي ڪري پنهنجو موڊ خراب ناهيان ڪندي، ماڻهن کي جيڪڏهن سوشل ميڊيا تي جواب نه ڏنو وڃي ته ان سان قيامت نه ايندي ان ڪري زندگي به سڪون ۾ آهي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته ڪيترائي ڀيرا منهنجو بيان يا راءِ ٽوڙي مروڙي پيش ڪئي ويندي هئي ته ڏاڍو ڏک ٿيندو هو پر هاڻ ائين ناهي.
ترڪ اداڪارائن بابت بيان تي سندس چوڻ هو ته آئون به ٻاهران اچي ڪم ڪندي آهيان ته ڪنهن ٻئي ملڪ مان آيل اداڪارا جي خلاف ڪيئن ٿي ڳالهائي سگهان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔