ڀارت ۾ وار ڪٽرائڻ دوران ٻارڙي جي دلچسپ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

نئين دهلي: ٻارن جا وار ڪٽرائڻ والدين جي لاءِ ڪنهن مشڪل کان گهٽ ناهن ۽ ان دوران ننڍا ٻار ۽ ان جي ناراضگي کي سنڀالڻ ڪافي مشڪل هوندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن مشڪل به مقبوليت جو سبب بڻجي ويندي آهي.گذريل ڏينهن ڀارت جي ناگپور سان تعلق رکندڙ انوپ پنگر پنهنجي پٽ انوشرات جا وار ڪٽرائيندي وڊيو ٽوئٽر تي شيئر ڪئي. وڊيو ۾ ٻار کي وار ڪٽرائڻ دوران ڪجهه ڪاوڙ ۽ ڪجهه پريشاني جهڙي صورتحال ۾ ڏسي سگهجي ٿو. اهوئي نه پر وڊيو ۾ ٻار وار ڪٽيندڙ(حجم) سان دلچسپ ڳالهيون به ڪري رهيو آهي ۽ ان کي وار گهٽ ڪرڻ تي زور ڀري رهيو آهي.انوشرت جي پيءُ طرفان به وار ڪٽجڻ کان پوءِ به ٻارڙي جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. انٽرنيٽ صارفين کي انوشرت جي وڊيو ايتري وڻي آهي جو اهو ٻار رات ڀيٽ ۾ سوشل ميڊيا اسٽار بڻجي ويو ۽ ان جي وڊيو کي 10 لک کان وڌيڪ صارفين ڏسي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔