ڀارت چين جي وڌيڪ ٽيتاليهه ايپليڪيشنز تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

نئين دهلي: ڀارت چين جي وڌيڪ 43 موبائل ايپلي ڪيشنز تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڀارت چين کي هڪ دفعو ٻيهر ويب پابندين جو نشانو بنائيندي علي بابا گروپ جي ايپليڪيشنز علي ايڪسپريس سميت 43 ايپليڪيشنز تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. جنهن کي هماليه بارڊرز تي جاري ڇڪتاڻ جور د عمل قرار ڏنو پيو وڃي.ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي ٽيڪنالوجي واري وزارت جو چوڻ اهي ته پابندي جي وڪڙ ۾ ايندڙ 43 چيني ايپليڪيشنز ۾ ڪجهه ڊيٽنگ ايپليڪيشنز به شامل آهن. جڏهن ته سموريون ايپليڪيشنز ڀارتي سالميت ۽ خودمختياري جي لاءِ خطرو آهن.ميڊيا رپورٽن موجب ڀارت ان کان اڳ 170 ايپليڪيشنز تي پابندي لاڳو ڪري چڪو آهي ۽ ان حوالي سان ڀارت جو چوڻ هو ته اها ايپليڪيشنز صارفين جو ڊيٽا گڏ ڪري شيئر ڪندي آهي جيڪا رياست جي خلاف هڪ سازش آهي. ڀارت ۾ چيني سفارتخاني ڀارتي حڪومت جي ان قدم جي مخالفت ڪئي آهي جيڪا علي بابي طرفان هينئر تائين ڪوبه رد عمل سامهون ناهي آيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔