وفاقي حڪومت اپوزيشن جي جلسن کي ڪورونا جي ٻي لهر ۾ شدت جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : وفاقي حڪومت اپوزيشن جي جلسن کي ڪورونا جي ٻي لهر ۾ شدت جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي پي ڊي ايم مٿان ڇتي تنقيد، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن پارٽيز پارلياماني ڪميٽي جي جلاس ۾ شرڪت نه ڪري غير ذميواري جو ثبوت ڏنو آهي، کين سياسي پوائنٽ اسڪورنگ بدران ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ ڪورونا وڌڻ جو ڪارڻ اپوزيشن جا جلسا آهن، عوام کين نه ڇڏيندو ۽ حڪومت به سخت قدم کڻندي، عوام کي اپيل آهي ته ذاتي مفادن ۽ حڪومت مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ ٿيندڙ اپوزيشن جي جلسن ۾ شرڪت نه ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔