سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس جو متاثر وڪيل پيش،عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا  وائرس جو متاثر وڪيل پيش ٿيو جنهن ڪري عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو، بئريسٽر ڊاڪٽر عدنان خان ڪورونا باوجود سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آڏو پيش ٿيو، چيف جسٽس پاران وڪيل کان سوال ڪيو ويو ته اوهان کي ڪورونا آهي ته پوءِ عدالت ۾ ڇو آيا آهيو؟: وڪيل چيو ته مون ڪورونا سبب ڪيس ملتوي  ڪرڻ جي اپيل ڏني پر ڪيس ئي خارج ڪيو ويو، اڄ بائير ايجوڪيشن جي  ليڪچررز جو اهم ڪيس آهي، ان ڪري اچڻو پيو، چيف جسٽس حڪم ڏنو ته اوهان جواب لکت ۾ ڏيو ۽ فوري  طور عدالت مان ٻاهر هليا وڃو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔