سعودي عرب پاران شهرين کي ڪورونا ويڪسين مفت ڏيڻ جو اعلان

رياض: سعودي جي صحت وزارت عالمي وبا ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ 70 سيڪڙو شهرين کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
عرب نيوز موجب سعودي عملدارن کي اميد آهي ته حفاظتي دوا جي فراهمي ايندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندي.
ان حوالي سان سعودي وزارت جي اعليٰ آفيسر عبدالله اسيري چيو آهي ته اهي ماڻهو جن جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت ناهي آيو انهن کي ايندڙ مهينن ۾ شروع ٿيندڙ ڪورونا وائرس جي ويڪسين مهم ۾ ترجيح ڏني ويندي.
هن چيو ته 16 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن کي ان وقت تائين ويڪسدين نه ڏني ويندي جيستائين تحقيق يا ٽيسٽس سان اهو ثابت نٿو ٿئي ته کين ويڪسين جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔