ملڪ ۾ ڪورونا سان متاثر طبي عملي جو انگ 10 هزارن کان وڌي ويو

اسلام آباد: ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙ طبي عملي جو انگ 10 هزارن کان وڌي ويو.
صحت واري وزارت موجب پاڪستان ۾ مجموعي طور 10 هزار 113 هيلٿ ورڪر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن.
اختيارين ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽرن، نرسن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف سميت طبي عملي جا 97 ميمبر وبا سبب لاڏاڻو ڪري ويا آهن.
صحت واري وزارت موجب خيبر پختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ 2686 هيلٿ ورڪر ڪورونا جو شڪار ٿيا، جڏهن ته ٻئي نبمر تي پنجاب ۾ 2638 هيلٿ ورڪر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن.
ان فهرست ۾ سنڌ ٽئين نمبر تي آهي، جتي ڪورونا جو شڪار هيلٿ ورڪرز جو انگ 2565 آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ 210، اسلام آباد ۾ 864، بلوچستان ۾ 610 ۽ آزاد ڪشمير ۾ طبي عملي جا 485 ماڻهو ڪورونا جو شڪار ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔