لاڳاپن جي بحالي کانپوءِ اسرائيل جو پهريون وفد سوڊان روانو

يروشلم: اسرائيل ڪالهه سومر جي ڏينهن هڪ وفد سوڊان روانو ڪيو.
يروشلم ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان اهي افواهه هلي رهيا هئا ته 23 آڪٽوبر تي آمريڪي صدر ڊونلڊٽرمپ جي اعلان ڪيل معاهدي جي تناظر ۾ هڪ وفد خرطوم جو دورو ڪندو.
اسرائيلي عهديدارن ان رپورٽ جي تصديق ڪئي پر اهو ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ته وفد ۾ ڪير ڪير شامل هوندا.
متحده عرب امارات ۽ بحرين کانپوءِ سوڊان هن سال اسرائيل سان معاهدو ڪندڙ ٽيون عرب ملڪ آهي، اسرائيل سوڊان جون معاهدي تي باضابطه طور تي صحيحون ڪرڻ اڃان باقي آهن.
ٻئي طرف فلسطين ان جي مذمت ڪئي آهي ۽ عرب رياستن تي زور ڏنو آهي ته هو ان وقت تائين ثابت قدم رهن جسيتائين اسرائيل فلسطين تان قبضو نٿو ختم ڪري.
ياد رهي ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو فيبروري ۾ يوگنڊا ۾ سوڊان جي حڪمران خودمختيار ڪائونسل جي سربراهه عبدالفتح البريان سان ملاقات ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔