پاڪستاني ٽيم نيوزي لينڊ پهچي وئي، چوڏنهن ڏينهن تائين آئسوليشن اختيار ڪري ورتي

قومي اسڪواڊ آڪلينڊ ذريعي ڪرائسٽ چرچ پهچي ويو جتي هلٽن هوٽل ۾ 14 ڏينهن تائين اڪيلائي اختيار ڪندو.
اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن ۽ اسپورٽ اسٽاف کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، اسڪواڊ ۾ شامل سمورن ميمبرن جو پهريون ڪووڊ 19 ٽيسٽ 25 نومبر تي ٿيندو.
پهرئين ٽيسٽ جي رپورٽ منفي اچڻ جي صورت ۾ آئسوليشن جي شروعاتي ٽن ڏينهن بعد قومي اسڪواڊ کي بائيو سيڪيور ماحول ۾ ٽريننگ جي اجازت هوندي، نيوزي لينڊ حڪومت جي هدايتن مطابق 14 ڏينهن آئسوليشن ۾ قومي اسڪواڊ جي مجموعي طور تي 3 ٽيسٽ ڪيا ويندا.
پهرئين مرحلي ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 18 ڊسمبر کان شروع ٿيندي، ٻن ٽيسٽن جي شروعات 26 ڊسمبر کان ٿيندي، پاڪستان شاهين ٽيم به روحيل نذير جي قيادت ۾ پنهنجا ميچز کيڏندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔