چنڊ تان سيمپل آڻڻ لاءِ چين جو روبوٽڪ مشن روانو ٿي ويو

بيجنگ: چين چنڊ تان سيمپل آڻڻ جي لاءِ روبوٽوڪ لوئر مشن روانو ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين جو اسپيس ڪرافٽ اڄ صبح صوبي بينان جي وين چينگ اسپيس سينٽر تان چنڊ طرف روانو ٿيو. اسپيس ڪرافٽ نومبر جي آخر ۾ چنڊ تي پهچندو ۽ ڊسمبر جي شروع ۾ زمين تي واپس اچي ويندو ۽ جيڪڏهن چين چنڊ تان سيمپل آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته هو ائين ڪندڙ دنيا جو ٽيون ملڪ بڻجي ويندو.چين جي لوئر مشن جو مقصد چند جي سرزمين ۽ ان جي جبلن جي باري ۾ ڄاڻڻ آهي ته سائنسدان چند جي شروعات، ان جي جوڙجڪ ۽ اتي موجود آتش فشان جي سرگرمي جي باري ۾ ڄاڻ وٺي سگهي. ياد رهي ته ان کان اڳ 1960 ۽ 1970ع ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين چنڊ تان سيمپل آڻي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔