دنيا جو مهانگو ترين صابڻ…

تريپولي: لبنان جي شهر تريپولي ۾ هڪ ننڍي ڪمپني جو ٺاهيل صابڻ ايترو مهانگو آهي جو ان جي 100 گرام جي ٽِڪي 2800 ڊالرن ۾ وڪرو ڪئي ويندي آهي.
”بدر حسين اينڊ سنز“ ڪمپني طرفان هڪ مهانگو صابڻ ٺاهيو ويو آهي، تازو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ ان ڪمپنيءَ جي سربراهه عامر حسن صابڻ جي هڪ ٽِڪي ڏيکاريندي ان جي قيمت 2800 ڊالر ٻڌائي رهيو آهي.
ان کان اڳ 2015 ۾ به بي بي سي نيوز تي ان صابڻ جي باري ۾ هڪ مختصر رپورٽ هلائي وئي آهي.
ان جي تياري ۾ زيتون جو خالص تيل، اصلي ماکي، عود ۽ کجي جي رس کان علاوه سون جا سنهڙا ذرڙا ۽ اصلي هيرن جو سفوف به شامل ڪيو ويندو آهي جيڪي ان جي قيمت کي آسمان تائين پهچائين ٿا.
اها خبر ناهي ته اهو صابڻ دڪانن تي به وڪرو ڪيا ويندا آهن يا نه پر ان جي باري ۾ جيڪي به تفصيل موجود آهن، انهن کي ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته هي صرف مخصوص گراهڪن جي فرمائش تي ٺاهيا ويندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔