سنڌ ۾ سيارَي جو پهريون وسڪاروجاري سيءُ وڌي ويو،

ڪراچي :سنڌ ۾ سيارَي جو پهريون وسڪاروجاري آهي، راڄڌاني ڪراچي جَي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات هلندي رهي ٿي، برسات ۽ ٿڌڙِي هوائن جي ڪري سيءُ وڌي ويو، سکر، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، دادو، شهداڪوٽ، ڀٽ شاهه، ڪوهستان ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات بعد ٿڌ ۾ واڌارو ٿي ويو ، موسميات کاتي موجب 26 ۽ 27 نومبر تي ڪراچي ۾ تيز هوائون گهُلڻ سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿيندو، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ وسڪاري کانپوءِ شهرين گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔