اسلام آباد: حڪومت 26 نومبرکان سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر دوران ڪيسز ۾ خطرناڪ اضافي کانپوءِ تعليمي ادارن ۾ڪورونا مثبت ڪيسز جي شرح وڌي 82سيڪڙو تي وڃي پهتي آهي.

وفاقي تعليم واري وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ تعليم واري وزيرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۾ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيسز  جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو .

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شفقت محمود چيوته 26نومبرکان اسڪول،ڪاليجز،يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرزکي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي .

شفقت محمود جو چوڻ هو ته 26 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين تعليمي ادارا بند رکيا ويندا جنهن کانپوءِ 25 ڊسمبر کان 11 جنوري تائين صورتحال بهتر ٿيڻ تي تعليمي ادارا ٻيهر کوليا ويندا.

تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جوچوڻ هو ته استادن ۽ ٻارن جي صحت سڀ کان اڳ ۾ آهي ،ٻارن جي صحت تي ڪو به سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔