تعليم واري وزيرن جي ڪانفرنس پاران هڪ مهيني لاءِ تعليمي ادارا بند رکڻ جي سفارش

اسلام آباد: وفاقي ۽ صوبائي تعليم واري وزيرن جي اجلاس ۾ هڪ مهيني لاءِ سڀئي تعليمي ادارا بند رکڻ جي سفارش ڪئي وئي .

وفاقي تعليم واري وزير شفقت محمود جي صدارت ۾ تعليم واري وزيرن جو اهم اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ صوبائي تعليم جي وزيرن ۽ ٻين اهم عملدارن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي .

اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ،ٿڌ جي موڪلن جي حوالي سان صلاح مشورو ڪيو ويو ۽ ٿڌ جون موڪلون جلد ڪرڻ ۽ معمول کان وڌيڪ موڪلون ڪرڻ واري تجويز تي ويچار ڪيو ويو .

تعليم واري وزيرن جي ڪانفرنس ۾ 25 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين تعليمي ادارا بند ڪرڻ سميت هڪ مهيني دوران ٿيندڙ امتحان ملتوي ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

تعليم واري وزيرن جون سفارشون وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي رابطا ڪاميٽي اين سي سي آڏو رکيون وينديون ، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) اڳ ۾ ئي تعليمي ادارا فوري طور بند ڪرڻ جي سفارش ڪري چڪو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔