موسميات کاتي جي ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي

موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر شهر ۾ اڱاري تي هلڪي برسات ۽ بوندا باندي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي .

شهر ۾ برسات ملڪ ۾ داخل ٿيڻ واري الهندي سلسلي جي ڪري ٿيندي جڏهن ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ شهر جي موسم جزوي ۽ مڪمل ابر آلود رهڻ جي توقع آهي .

ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 14 کان 16 ڊگري رهڻ جي توقع آهي .

موسميات کاتي موجب برسات کان پوءِ شهر ۾ معمول کان وڌيڪ تيز هوائون هلي سگهن ٿيون ۽ ٿڌين هوائن جي ڪري شهر جو مجموعي گرمي پد گهٽجي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔