شهباز شريف ۽ حمزه جي پيرول تي آزادي واري درخواست جمع

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي جي درخواست جمع ڪرائي وئي آهي.

شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي جي درخواست ڊپٽي سيڪريٽري جنرل مسلم ليگ(ن) عطاالله تارڙ جمع ڪرائي جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي بيگم شميم اختر جي تدفين ۾ شرڪت جي لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو وڃي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ماءُ جي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃڻ کان وڏو ڪو به ٻيو صدمو ناهي پوري ملڪ مان ماڻهن کي تعزيت لاءِ اچڻو اهي ان ڪري 2 هفتن جي لاءِ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي فوري طور تي پيرول تي آزاد ڪيو وڃي.

ياد رهي ته پاڪستان مسلم ليگ)ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ شهباز شريف جي امڙ شميم اختر گذريل ڏينهن لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز هن وقت جيل ۾ آهن.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي امڙ بيگم شميم اختر جي جنازي نماز شريف ميڊيڪل سٽي ۾ ادا ڪئي ويندي. جڏهن ته مرحومه جي تدفين جاتي امراءِ ۾ ميان شريف جي قبر ويجهو ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔