پاڪستان عالمي وبا ڪورونا وائرس جي بچاءُ جي ويڪسين جي لاءِ ايڊوانس بڪنگ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: پاڪستان عالمي وبا ڪورونا وائرس جي بچاءُ جي ويڪسين جي لاءِ ايڊوانس بڪنگ جو فيصلو ڪري ورتو، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ پارلياماني سيڪريٽري صحت نوشين حامد ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان دوا جي ايڊوانس بڪنگ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ حڪومتي سطح تي پاڪستان 2 وڏي فارماسيوٽيڪل ڪمپنين سان رابطو ڪيو آهي، نوشين حامد ٻڌايو ته تمام جلد پاڪستان ويڪسين جي ايڊوانس بڪنگ جي لاءِ پئسو ادا ڪري ڇڏيو آهي، پارلياماني سيڪريٽري چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ هڪ ڪروڙ پاڪستانين جو ويڪسين ميسر ايندي، پهرين مرحلي ۾ فرنٽ لائين ورڪرز ۽ 65 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔